سنڌ جي صحت کاتي ڪرونا وائرس جي خدشي سبب تعليمي ادارا ڊگهي عرصي تائين بند رکڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

سنڌ جي صحت کاتي ڪرونا وائرس جي خدشي سبب پي ايس ايل سميت سميت سمورن عوامي ميڙاڪن تي پابندي ۽ صوبي جا تعليمي ادارا ڊگهي عرصي تائين بند رکڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، صوبي جي سمورين سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ فرنٽ ڊيسڪ ۽ ايئرپورٽس تي هيلٿ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي، صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪرونا وائرس ۾ مبتلا مريضن کي گڏاپ ڀرسان قائم اسپتال منتقل ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ ڪرونا جا 13 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت واري وزير عذره پيچوهو جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو.

اجلاس  ۾ ڪرونا وائرس جي خدشي سبب پي ايس ايل سميت سميت سمورن عوامي ميڙاڪن تي پابندي لڳائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي.

صحت کاتي وڏي وزير کي صوبي جا سمورا تعليمي ادارا ڊگهي عرصي تائين بند رکڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته  ۽ سمورين سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ فرنٽ ڊيسڪ ۽ ايئرپورٽس تي هيلٿ ڊيسڪ قائم ڪرڻ  ۽ مسافرن جي اسڪريننگ يقيني بڻائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو.

صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪرونا وائرس ۾ مبتلا مريضن کي گڏاپ ڀرسان قائم اسپتال منتقل ڪيو ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*