سنڌ جا تعليمي ادارا شيڊول موجب 16 مارچ تي کلندا: مرتضيٰ وهاب

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ رٿيل پاڪستان سپر ليگ جون ميچز ملتوي ڪرڻ ۽ تعليمي ادارن جي موڪلن  واڌ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته صحت کاتي پي ايس ايل ملتوي ڪرڻ ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي ڪابه تجويز ناهي ڏني، اسڪول شيڊول موجب 16 مارچ تي کلندا ۽ ميچز به شيڊول موجب ٿينديون، ڪرونا جي روڪٿام بابت سمورا فيصلا وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ٿيندا.صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا جيڪي ڪيسز سامهون آيا، اهي سڀ ٻاهران آيل ماڻهن جا آهن، ڪنهن به مقامي ماڻهو ۾ ڪرونا وائرس جي تشخيص ناهي ٿي، عوام رش وارن هنڌن کان پاسو ڪري، اميد آهي ته گرمين ۾ ڪرونا وائرس جو زور ٽٽي ويندو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ عذرا پيچوهو چيو ته وڏو وزير جو ڪو به ڀيڻويو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ناهي…..

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*