مشڪل وقت مان گذري آيا آهيون: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان پنهنجي لاڳاتار جدوجهد ۽ محنت سان هميشه پنهنجن مخالفن ۽ تنقيد ڪندڙن کي غلط ثابت ڪيو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته  وزيراعظم مدي خارج ۽ سڙيل نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پڪو پهه ڪري چڪو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مشڪل وقت مان گذري آيا آهيون،درست سڌارن ۽ قدمن سبب عوام کي سهولتون ملڻ شروع ٿي ويون آهن.

ٽوئيٽ ڪندي  فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوامي ترقي ۽ خوشحالي عمران خان جو نصب العين آهي.

هن چيو ته عمران خان احساس ڪفالت پروگرام کي قبائلي علائقن تائين وڌائڻ گهري ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*