آءِ جي سنڌ ڪرونا وائرس جي خدشي سبب پوليس اهلڪارن کي خاص هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

آءِ جي سنڌ مـشتاق مهر ڪرونا وائرس جـَي خدشي سبب اهلڪارن جي هٿ ملائڻ تي پابندي لڳائيندي کين ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا 15 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ پوليس به پريشانيءَ جو شڪار ٿي وئي آهي، آءِ جي پوليس اهلڪارن کي ڊيوٽي دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سي پي او مان جاري ڪيل بيان موجب آءِ جي سنڌ پوليس اهلڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ڊيوٽي دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪٻئي کان 3 فوٽ پري رهن ۽ هٿ ملائڻ کان به پاسو ڪن.

اهلڪارن کي ڊيوٽي دوران منهن تي ماسڪ پائڻ ۽ ٻيون احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*