وزيراعظم عمران خان عوام جي گهر جو خواب پورو ڪري رهيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌسماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي گهر جو خواب پورو ڪري رهيو آهي،20هزار گهرن جي 7 منصوبن جي شروعات 50 لک گهرن جي خواب جي ساڀيان طرف قدم آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي خاص معاون چيو ته گهٽ آمدني وارن پاڪستانين جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ وزيراعظم جو مشن آهي.

هن چيو ته پاڪستانين لاءِ ڇت جي فراهمي اسان جي منشور ۾ ڪيل واعدو آهي.

خاص معاون چيو ته انشاءَ الله عوام جي دل جي تمنا پوري ٿيندي،انهن کي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻائينداسين.

هن چيو ته اڏاوتن جي شعبي سان 40 صنعتون جڙيل آهن،جيڪي روزگار جا ڪيترائي موقعا پئدا ڪنديون ۽ معاشي سرگرميون به تيز ٿينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*