شهباز شريف پنهنجي پارٽي جي مطالبي تي واپس ڏيهه وري: شيخ رشيد

وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف شرم ڪري ۽ پنهنجي پارٽي جي مطالبي تي واپس ڏيهه وري، شهباز واپس نه وريو ته ن ليگ ۾ وڌيڪ ڏار پئجي ويندا.

 اسلام آباد جي نجي يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته پ پ ۽ ن ليگ ٻئي ٿڪل پارٽيون آهن، ٻنهي پارٽين جا رنگ پسٽن ڪلچ پليٽون ختم ٿي چڪيون آهن.

وفاقي وزير  شيخ رشيد هڪ ڀيرو شهيد ذوالفقار ڀٽو  کي ان وقت جو سليڪٽيڊ وزيراعظم قرار ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري تي سخت تنقيد ڪئي.

شيخ رشيد چيو ته ن ليگ ۽ پ پ جو ڪوبه سياسي مستقبل ناهي، نوازشريف اين آر او وٺندو رهيو آهي،هن بيماري جي آڙ ۾ ميڊيا کي استعمال ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*