ڪرونا وائرس جي خطري سبب سموري ملڪ ۾ پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي: شهباز شريف

ن ليگ جي صدر شهباز ڪرونا وائرس جي خطري کي سامهون رکندي سموري ملڪ ۾ پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

جاري ڪيل بيان ۾ ن ليگ جي صدر چيو ته صحت جو عالمي ادارو ۽ گڏيل قومون ڪرونا وائرس کي عالمي وبا قرار ڏيڻ بعد حڪومت کي وڌيڪ سجيندگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

شهباز شريف چيو ته عوام کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي.

ن ليگ جي صدر چيو ته سنڌ جي وڏي وزير  ۽ ان جي ٽيم جي تحفظات ۽ ڳڻتي تي فوري قدم کنيا وڃن.

هن وزيراعظم پاران سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو نه ڪرڻ جي مذمت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*