چين کان شروع ٿيل ڪرونا وائرس 127 ملڪن تائين ڦهلجي ويو

چين کان شروع ٿيل ڪرونا وائرس جو دائرو 127 ملڪن تائين ڦهلجي ويو،وڌيڪ 355 شهرين جون جانيون ضايع ٿيڻ بعد  فوتين جو تعداد 4 هزار 983 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس سبب سموري دنيا ۾ متاثرن جو تعداد هڪ لک 34 هزار 748ٿي ويو، جڏهن ته 70 هزار 383 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

رپورٽس مطابق چين ۾ وڌيڪ 8، اٽلي ۾ 189،ايران ۾ 76، ڏکڻ ڪوريا ۾ 7، اسپين ۾ 31، فرانس ۾ 13،جرمني  ۽ آمريڪا ۾ 3،3شهري فوت ٿي ويا.

رپورٽس مطابق چين ۾ 21 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ  متاثرن جو تعداد 80 هزار 814 ٿي ويو آهي،جڏهن ته فوتي 3 هزار 177 ٿي ويا آهن.

چين ۾ متاثر جو انگ 64 هزار 113 ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف اٽلي جيڪو چين کانپوءِ وڌيڪ متاثر ٿيو آهي،اتي متاثرن جو تعداد 15 هزار 113 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو تعداد هڪ هزار 16 ٿي ويو آهي.

ڪيناڊا جي وزير اعظم جي گهر واريءَ سميت ڪيترين ئي اهم شخصيتن کي به ڪرونا وائرس لڳڻ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي.

آمريڪا يورپي ملڪن جي شهرين جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، صدر ٽرمپ چيو آهي ته برطانيه ڏانهن اڏامون جاري رهنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*