وزيراعظم عمران خان اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو

وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ اڄ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو

اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سلامتي ڪميٽي  جي اجلاس ۾  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي خصوصي دعوت ڏني وئي

ذريعن مطابق ڪرونا وائرس جي خدشي سبب سموري ملڪ ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي

هٿياربند فوج جا سربراهه به قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا

ياد رهي ته ڪرونا وائرس بابت اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير  تجويز پيش ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجون سرحدون بند ڪرڻ گهرجن

هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جيڪو ڪرونا وائرس جي خطري سان وڙهي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*