صدر عارف علوي شهرين کي ڪرونا وائرس کان بچاءَ ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

صدر عارف علوي ڪرونا وائرس کان احتياط ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته شهري جمعي جي نماز پڙهن،جنهن کي کنگهه،بخار ۽ زڪام آهي،اهي مسجد ۾ نماز پڙهن کان پاسو ڪن.

ٽوئيٽ ڪندي صدر عارف علوي چيو ته جيڪي بزرگ آهن،ننڍي عمر وارا آهن يا دم جا مريض آهن،انهن کي احتياط ڪرڻ گهرجي.

صدر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن توهان مسجد ۾ نماز پڙهڻ وڃون ٿا ته وضو گهر ۾ ڪريو ۽ 20 سيڪنڊن تائين صابڻ سان هٿ ڌوئيو.

صدر عارف علوي وڌيڪ ڄاڻايو ته شهري مسجد ۾ مصلو ۽ ڪو ڪپڙو کڻي وڃن ۽ سجدي دوران ساهه کي روڪين.

هن چيو ته شهري هٿ ملائڻ، ڀاڪر پائڻ ۽ ويجهو ملڻ جلڻ کان پاسو ڪن.

عارف چيو ته شهري کنگهه ۽ نڇ دوران ٽشو جو استعمال ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*