سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر، سموري ملڪ ۾ وائرس متاثرن جو انگ 22 ٿي ويو

 

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي، اسلام آباد مان آيل 52 ورهين جي شخص کي ڪرونا وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ وائرس متاثرن جو انگ وڌي 15 ۽ سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور انگ 22 ٿي ويو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب اسلام آباد کان 2 ڏينهن اڳ ڪراچي پهتل 52 روهين جي شخص کي ڪرونا جي تصديق ٿي آهي، جنهن کي آئسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.

صحت کاتي موجب ڪرونا وائرس ۾ مبتلا 13 ڄڻا آئسوليشن وارڊ ۾ علاج هيٺ آهن، جڏهن ته 2 ڄڻا صحتياب ٿي گهر منتقل ڪيا ويا آهن.

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جو هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ ڪرونا جي نئين ڪيس جي تصديق بعد ملڪ ۾ ڪرونا ۾ مبتلا ماڻهن جو مجموعي انگ 22 ٿي ويو آهي، جن ۾ گلگت بلتستان ۾ 3، اسلام آباد ۾ 2  ۽ ڪوئيٽا ۾ هڪ ڪيس شامل آهي.

ماهرن ڪرونا کان بچڻ لاءِ رش وارن هنڌن تي نه وڃڻ، هڪٻئي سان هٿ نه ملائڻ ڀاڪر نه پائڻ ۽ هٿ گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪنڊز تائين ڌوئڻ جو مشورو ڏنو آهي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*