عوام جي تحفظ کي سامهون رکندي اهم فيصلا ڪيا ويندا: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جو تحفظ ۽ سلامتي اسان جي پهرين ذميداري آهي،اڄ وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اجلاس ۾ وڏن وزيرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت اجلاس ۾ شرڪت ڪندي.

هن چيو ته اجلاس جو مقصد  ڪرونا وائرس  جهڙي اهم معاملي تي سموري قوم کي متحد  ڪرڻ ۽ وائرس تي ڪنٽرول  ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ آهي.

هن چيو ته عوام جي تحفظ کي سامهون رکندي  اهم فيصلا ڪيا ويندا.

خاص معاون چيو ته ڪرونا وائرس  بين الاقوامي معاملو  آهي،جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اوليتن  جو تعين ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*