واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف هائڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملازمن آفيسن جي تالا بندي احتجاجي مظاهرا ڪيا.

لاڙڪاڻي ۾ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن نثار شيخ، غازي خان لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري جناح باغ وٽ ڌرڻو هنيو.

نوابشاهه ۾ واپڊا ملازمن فضل محمد شيخ، علي نواز سيٺار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

دادو ۾واپڊا ملازمن امڪاني نجڪاري خلاف آفيسن جي تالا بندي ڪري هٿن ۾ بينرز کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو.

ٺٽي ۾ واپڊا ملازمن شوڪت حسين وستڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس کان ريلي ڪڍي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

 واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف موري  ۾  ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري لياقت آرائين، اسلم جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ميرپورماٿيلو ۾ ملازمن هادي بخش بوزدار ۽اڪبر پتافي جي اڳواڻي ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

پدعيدن ۾ واپڊا ملازمن يونس راڄپر، شاهد آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاج ڪيو.

 ميهڙ واپڊا ملازمن سعيد ڪلهوڙو، زاهد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڪم ڇڏ هڙتال ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ واپڊا ملازمن محمد قاسم چانڊيو، ظهير گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

امڪاني نجڪاري خلاف ساماري ۾ واپڊا ملازمن شاهد قائمخاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي واپڊا آفيس آڳيان احتجاج ڪيو.

عمرڪوٽ واپڊا ملازمن افضل آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيسون بند ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

  مٺي ۾ واپڊا ملازمن امڪاني نجڪاري خلاف آفيسن جي تالا بندي ڪري آفيس ٻاهران غلام رسول راهمو، وجئي ڪمار مهراج جي اڳواڻي احتجاج ڪيو.

امڪاني نجڪاري خلاف جيڪب آباد واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين پاران بابو حنيف لاشاري، محمد علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

  نوشهروفيروز ۾ به واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن محمد يعقوب سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڪنري، ٺل، شاهپورچاڪر، ڪوٽ غلام محمد، نئون ڪوٽ، ماتلي ۽ ٻين شهرن ۾ واپڊا ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*