ڪرونا وائرس کان وڌيڪ ملڪي معيشت لاءِ ٻيو ڪو به خطرو ناهي: شهباز شريف

پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف  چيو آهي ته ڪرونا کان وڌيڪ ملڪي معيشت لاءِ ٻيو ڪوبه خطرو ناهي،قومي حڪمت عملي جوڙڻ ۾ حڪومت دير ڪري ڇڏي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته عالمي سطح تي وڌندڙ معاشي خطرن کي سامهون رکندي قومي پاليسي جوڙي وڃي.

هن واضح ڪيو ته 12 ڏينهن اندر پاڪستان مان  60 ڪروڙ ڊالرن جي موڙي  ملڪ کان ٻاهر وڃي چڪي آهي

شهبازشريف چيو ته عالمي سطح تي 9 ٽريلين ڊالرز جو نقصان ٿي چڪو آهي

ن ليگ جي صدر چيو ته حڪومت جي آءِ ايم ايف سان حماقت تي ٻڌل ڊيل ڪرونا جي صورتحال ۾ مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي

هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هينئر تائين 10 سيڪڙو ڪري چڪي آهي،جيڪڏهن اکيون نه پٽيون سين ته تمام گهڻو نقصان ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*