سنڌ سرڪار بسن ۾ وڌيڪ مسافر ويهارڻ ۽ سگريٽ پيئڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

سنڌ  سرڪار، انٽرا سٽي بسز ۾ وڌيڪ ماڻهو ويهارڻ ۽  سگريٽ پيئڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي

ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي خدشي سبب بسز ۽ ڪوچز ۾ وڌيڪ ماڻهو نه ويهاريا وڃن، مسافر گاڏين ۾ سگريٽ پيئڻ تي پابندي به يقيني بڻائي وڃي.

هن چيو ته مسافر گاڏين ۾ ٽرانسپورٽر هڪٻئي سان هٿ ملائڻ کان به پاسو ڪن، پنهنجا هٿ صاف ڪيا وڃن ۽ ٽرانسپورٽرز مسافرن کي به صفائي جي سهولت فراهم ڪن.

ٽرانسپورٽ واري وزير  گاڏين جي مالڪن کي هدايت ڪئي ته ڪوچز ۾ مسافرن جا هٿ صاف ڪرڻ لاءِ سينٽائرز رکيا وڃن، بس اڏن تي وڌيڪ هجوم نه ڪيو وڃي،  جيڪڏهن ڪنهن مسافر کي کنگهه يا زڪام هجي ته فوري طور ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو وڃي.

اويس شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مسافر بس اندر وڌيڪ ماڻهو ويهندي يا سگريٽ پيئندي ڏٺو ويو ته بس مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*