پاڪستان ۾ هن وقت ڪرونا وائرس جا 28 ڪيسز آهن: ڊاڪٽر ظفر مرزا

صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪرونا  وائرس جا 28 ڪيسز آهن،جن مان سنڌ ۾ ٽي متاثر صحتياب ٿي ويا آهن.

جاري ڪيل بيان ۾  خاص معاون  ظفر مرزا چيو ته پاڪستان ۾ هينئر تائين 28 مريضن جي تصديق ٿي وئي آهي.

دنيا ۾ پاڪستان 48 هون ملڪ هو جتي ڪرونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي ۽ وقت سر قدمن سبب خطي ۾ پاڪستان پنهنجي ذميداري نڀائڻ  لاءِ تيار آهي ۽ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.

خاص معاون  چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي  منهنجي سربراهي ۾ ڪرونا بابت  نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي آهي.

صحت جي وزارت مطابق سنڌ ۾ 13، بلوچستان ۾ 6، اسلام آباد ۾ 3، گلگت ۾ 3 ڪيس ظاهرٿيا:.

وزارت مطابق متاثرن ۾ سنڌ سان لاڳاپيل 3 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن،جڏهن ته  609 شڪي ماڻهن جي ٽيسٽ جا نمونا ورتا ويا آهن.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*