ڪراچي ۾ 120 بسترن ۽ 16 وينٽر ليٽرز تي ٻڌل اسپتال ڪرونا وائرس جي مريضن لاءِ مختص ڪئي وئي

ڪراچي ۾ 120 بسترن ۽ 16 وينٽي ليٽرز تي ٻڌل اسپتال ڪرونا وائرس جي مريضن لاءِ مختص ڪئي وئي، سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب عوام ۽ سمورن ادارن کي اپيل آهي ته ڪرونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ حڪومتي ادارن سان ڀرپور سهڪار ڪيو وڃي.

سنڌ سرڪار ڪرونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ وڏو قدم کڻندي ڪراچي ۾ هڪ اسپتال عالمي وبا جي مريضن لاءِ مختص ڪري ڇڏي آهي، جيڪا هڪ سئو 20 اسپتالن ۽ 16 وينٽي ليٽرز تي ٻڌل آهي.

ان حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ڪندي سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسپتال جو ۽ علائقي جو نالو اسٽريٽجڪ مقصدن لاءِ ظاهر نه پيو ڪيو وڃي.

هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪرونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، عوام ۽ سمورن ادارن کي اپيل آهي ته ڪرونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ حڪومتي ادارن سان ڀرپور سهڪار ڪيو وڃي.

مرتضيٰ وهاب، وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڏکي گهڙي ۾ پنهنجي عوام سان گڏ بيٺل آهي، عالمي وبا کي گڏيل ۽ مسلسل جدوجهد سان منهن ڏينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*