ڄامشوري جي عدالت سنڌ يونيورسٽي جي 14 شاگردن کي بغاوت واري ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو

ڄامشوري جي عدالت سنڌ يونيورسٽي جي 14 شاگردن کي بغاوت  واري  ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو، بري ٿيل شاگردن چيو آهي ته يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن لاءِ احتجاج ڪرڻ تان يونيورسٽي انتظاميا جي چوڻ تي شاگردن خلاف بغاوت جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويوهو.

فرسٽ سول جج ون جي عدالت ڄامشورو پوليس طرفان جمع ڪرايل رپورٽ جي روشني ۾ سمورن شاگردن سميت شاگردن کي بري ڪري ڇڏيو.

بري ٿيل شاگردن چيو ته يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ پرامن احتجاج ڪرڻ تان يونيورسٽي انتظاميا شاگردن خلاف بغاوت جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو هو.

چار مهينا اڳ  ڄامشوري ٿاڻي تي 14 شاگردن ۽ ٽن اڻڄاتل ماڻهن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويوهو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*