وڏي وزير مراد علي شاهه ڪرونا وائرس جي خطري سبب درگاهون ۽ شادي هالز بند ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

وڏي وزير مراد علي شاهه، ڪرونا وائرس جـَي خطري سبب سموريون درگاهون، شادي هال ۽ مدرسا بند ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، مراد علي شاهه صوبائي وزيرن جي عام تقريبن ۾ وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي پر ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن ڪٿي لاڪ ڊائون ٿئي ته اتي غذا، ڊاڪٽر ۽ ٻيون ضروري شيون پهچائي سگهجن.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڊزاسٽر مئنجيمينٽ اٿارٽي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن عذرا پيچوهو، سعيد غني، ناصر شاهه، شبير بجاراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پنهنجي تيارين کان اجلاس کي آگاهه ڪيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم اي سنڌ کي هر قسم تياري ڪرڻ گهرجي، تعلقي سطح تي سمورن ڪٽنب جو رڪارڊ ٺاهيو وڃي ته جيئن ڪٿي به لاڪ ڊائون جِي صورتحال ٿئي ته انهن تائين غذا، دوائون ۽ ڊاڪٽر پهچائڻ جو پلان موجود هجي.

وڏي وزير پي ڊي ايم اي کي 35 فيلڊ اسپتالون ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اوهان وٽ خشڪ غذا جو اسٽاڪ موجود هئڻ ضروري آهي، موبائل اسپتالن، دوائن، بهترين ڊاڪٽرز ۽ ٻي اسٽاف سان گڏ هر وقت تيار رهو.

وڏي وزير چيو ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي پر اسان کي ڪنهن تيار رهڻو پوندو، صوبائي وزير ڪنهن به قسم جي تقريبن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.

وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته صوبي ۾ درگاهون، مدرسا ۽ شادي هال بند ڪيا وڃن ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*