سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾متاثرن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو آهي، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي خطري سبب شادي هالز، سينيما گهر، مزارون ۽ ڪامورن کي سرڪاري سطح تي ٽريننگ ڏيڻ وارا سينٽر ٽن هفتن تائين بند رهندا.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جو هڪ وڌيڪ ڪيس سامهون آيو آهي، متاثر شخص سعودي عرب کان ڪراچي پهتو هو.

هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس سبب مجموعي انگ 16 ٿي ويو آهي، جنهن مان 2 مريض ٺيڪ ٿي چڪا آهن ۽ 14 علاج هيٺ آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، هڪ اسپتال ڪرونا وائرس جي مريضن لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 9 ضلعن ۾ آئسوليشن وارڊ به ٺاهيا ويا آهن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته آئسوليشن وارڊ ۾ 2 هزار 48 ماڻهن کي رکڻ جي گنجائش آهي، سمورن ڊويزنل ڪمشنرز کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجن ڊويزن اندر مناسب عمارتون ڏسن، جتي آئسوليشن وارڊ ۽ قرنطينا قائم ڪيون وينديون.

سنڌ سرڪار جَي ترجمان چيو ته صوبي ۾ ڪرونا وائرس خطري سبب شادي هالز، سينيما گهر، مزارون ۽ ڪامورن کي سرڪاري سطح تي ٽريننگ ڏيڻ وارا سينٽر ٽن هفتن تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته هڪ طرف حڪومت قوم کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي ۽ ٻي پاسي اپوزيشن جماعتون پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ ۾ پوريون آھن، متحده کي ڏک جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*