پيرپاڳاري مريدن کي 27 رجب شب معراج ڏهاڙي تي پيرجوڳوٺ درگاهه اچڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪرونا وائرس جي خدشي سبب حر جماعت جي روحاني پيشوا پير پاڳارو مريدن ۽ عقيدتمندن کي 27 رجب شبِ ميراج ڏهاڙي تي پير جو ڳوٺ درگاهه تي اچڻ کان روڪي ڇڏيو.

پيرپاڳارو جاري ڪيل پيغام ۾ حر جماعت جي مريدن ۽ عقيدتمندن کي هدايت ڪئي ته ڪرونا وائرس کان احتياط ڪرڻ سان گڏ الله جو ذڪر ۽ درود شريف ڪثرت سان پڙهن.

پيرپاڳارو چيو ته شبِ ميراج جي ڏينهن پير جو ڳوٺ درگاهه تي مريد نه اچن ۽ گهر ويهي ئي الله جو ذڪر ۽ درود شريف پڙهڻ کي ترجيع ڏين.

27 رجب المرجب تي پيرجو ڳوٺ ۾ جاميا راشديا تي حافظن ۽ قارين جي پاس ٿيڻ واري تقريب به ملتوي ئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*