ڪرونا وائرس دنيا جي 152 ملڪن تائين پکڙجي ويو

ڪرونا وائرس دنيا جي 152 ملڪن تائين پکڙجي ويو،فوتين جو تعداد 5 هزار  839 ٿي ويو،جڏهن ته متاثرن جو تعداد وڌي هڪ لک 56 هزار 745 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس تي چين جي حڪومت وڏي پئماني تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي،جڏهن ته سموري دنيا ۾ 75 هزار 935 مريض صحتياب پڻ ٿي چڪا آهن.

تازي رپورٽ مطابق چين ۾ ڪرونا وائرس سبب 10 ،ڏکڻ ڪوريا ۾ ٽي ۽ آمريڪا ۾ ٽي شهري فوت ٿي ويا،اٽلي جتي روزانو سوين جانيون ضايع ٿي رهيون هيون،اتي ڪنٽرول ٿي ويو آهي.

تازين رپورٽس مطابق  چين ۾ ڪرونا وائرس جي متاثرن جو تعداد 80 هزار 844 ٿي ويو آهي،جڏهن ته 66 هزار 913 شهري صحتياب ٿي ويا آهن ۽ 20 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

اٽلي ۾ ڪورنا وائرس سبب 21 هزار 157 شهري متاثر ٿيا آهن،جڏهن ته 1441 شهري فوت ٿي ويا آهن.

ايران ۾ صورتحال بهتر ٿي وئي آهي، جتي ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي،ايران ۾ هينئر تائين 12 هزار 729 ڪيس رپورٽ ٿيا،جڏهن ته 611 شهري فوت ٿي ويا.

اسپين ۾ فوتين جو تعداد 196 تائين پهتل آهي،جڏهن ته 6 هزار 391 شهري متاثر ٿيا آهن،جرمني ۾ 4 هزار 599 شهري متاثر ٿيا آهن ۽ 196 فوت ٿي چڪا آهن.آمريڪا ۾ ڪرونا کان متاثرن جو تعداد ٻه هزار 982 ٿي ويو آهي، جڏهن وڌيڪ ٽن جانين جي ضايع ٿيڻ تي فوتين جو تعداد 39 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*