ٻه ڪروڙ ماسڪ پاڪستان ٺاهي ئي نه ٿو سگهي ته اسمگل ڪيئن ٿيا؟: فواد چوڌري

سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري  چيو آهي ته حڪومت جي ڪرونا وائرس  تي پاليسي شروع کان انتهائي محتاط پر اثرائتي ردعمل واري رهي آهي.

ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته پاليسي جا نتيجا عالمي سطح تي صحت جي عالمي اداري سميت سمورن ادارن تسليم ڪيا آهن.

هن چيو ته اسان محدود وسيلن جي باوجود  ان وبا  جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيا آهيون..

وفاقي وزير چيو ته ن ليگ پاران ،ڊاڪٽر ظفر مرزا تي الزام لڳائڻ لاءِ عقل به گهرجي،پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماسڪ ڪٿي ٺهن ٿا.

هن چيو ته چين مان ڪجهه لک ماسڪ امپورت ڪيا ويندا هئا،2 ڪروڙ ماسڪ پاڪستان ٺاهي ئي نٿو ته اسمگل ڪيئن ٿيا؟…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*