ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر تبديل

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر تبديل ڪرڻ ۽ سندس بيان گهر يا عدالت ۾ رڪارڊ ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بدين ۾ ٿاڻي تي حملي واري ڪيس جي جاچ ايس پي ڪرائيم برانچ شاهجهان کان واپس وٺي ڪنهن ٻئي آفيسر کي ڏيڻ توڙي پوليس کي بيان عدالت يا گهر ۾ رڪارڊ ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي هلائي.

سرڪاري وڪيلن پاران درخواست جي مخالفت ڪئي چيو ته ان سان هڪ غلط مثال قائم ٿيندو، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته سندس زندگي کي خطرو آهي، تنهنڪري هن اهڙي درخواست ڪئي آهي.

سرڪاري وڪيلن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ڳالهائڻ نه گهرجي، سندس وڪيل موقف پيش ڪن، جنهن تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته هو پاڻ ڪيس ۾ وڪالت ڪندو.

عدالت پڇا ڪئي ته ڇا اوهان وڪيل جو وڪالت نامو واپس ٿا وٺڻ چاهيو، ذوالفقار مرزا پاران خاموش ٿيڻ بعد عدالت درخواست تي فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ ڪري ورتو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته سندس زندگي کي خطرو آهي، جمشيد ڪوارٽر ۾ گهرائڻ جو مقصد کيس اي پي سي تي چڙهڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ هو…..

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*