ڪرونا وائرس کي مات ڏينداسين: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي عالمي چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت عوام جي مفاد، تحفظ ۽ سلامتي لاءِ قدم کنيا آهن،قومي يڪجهتي ۽ هم آهنگي سان وائرس کي مات ڏينداسين.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڏکيو وقت آهي، پر اسان جي قوم هر امتحان ۾ سوڀاري ٿي آهي.

خاص معاون چيو ته وزيراعظم ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هدايتن ۽ احتياطي تدبيرن تي عوام لازمي طور تي عمل ڪري.

هن چيو ته معاشي طور تي  مضبوط ۽ طب جي شعبي ۾ بهتر نتيجا ڏيندڙ قومن به احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*