دادو ۾ نافرمان پٽن جو ٻڍڙي عورت تي مبينا تشدد

دادو ڀرسان ٻڍڙي عورت کي پٽن مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گهران نيڪالي ڏئي ڇڏي، ٻڍڙي عورت جو چوڻ آهي ته ملڪيت جي تڪرار تان ٻن پٽن ڏنڊا هڻي زخمي ڪرڻ بعد گهران ڪڍي ڇڏيوآهي.

ڳوٺ سچارو ۾  ٻڍڙي عورت مريم برهماڻي کي ملڪيت جي تڪرار تان پٽن مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ گهران نيڪالي ڏئي ڇڏي.

 ٻڍڙي عورت مريم برهماڻي چيو آهي ته ٻن پٽن بخشل ۽ سڪندر جڳھه جي تڪرار تان پنهنجي ڀاءُ  شاهنواز کي مارڪٽ ڪئي،  ڇڏائڻ تان ٻنهي نافرمان پٽن مٿس ڏنڊن سان وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ سخت زخمي ڪرڻ بعد گهران ڪڍي  ڇڏيو، جڏهن ته پيارو ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

هن  ايس ايس پي دادوکان مطالبو ڪيو آهي ته  واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*