مٽياري ويجهو سکر ايڪسپريس مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي

مٽياري ويجهو سکر ايڪسپريس مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، ذريعن موجب سگنل سسٽم جي خرابي ۽ اسٽيشن ماسٽر جي غفلت سبب حادثو پيش آيو.

الهه ڏنو ساند ريلوي اسٽيشن وٽ جيڪب آباد کان ڪراچي ويندڙ سکر ايڪسپريس سگنل سسٽم ۾ خرابي ۽ اسٽيشن ماسٽر جي مبينا غفلت سبب لوپ لائين تي مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي سبب سکر ايڪسپريس جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ٽرين جي رفتار گهٽ هئڻ سبب مسافر محفوظ رهيا.

ذريعن موجب ريلوي انتظاميا جي غفلت سبب مال گاڏي ۽ سکر ايڪسپريس ٻنهي ٽرينن کي لوپ لائين تي لاٿو ويو.

حادثي سبب سکر ايڪسپريس جي انجڻ ريلوي ٽريڪ تان لهي وئي، جنهن سبب ريلوي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.

حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو عملو واقعي واري هنڌ پهچي ويو، ريلوي ٽريڪ کي ڪليئر ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*