رحمان ملڪ وزيراعظم عمران خان کان سموريون اسپتالون فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

گهرو معاملن بابت سينيٽ ڪميٽيءَ جـَي چيئرمين وزيراعظم عمران خان کان سموريون اسپتالون فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، رحمان ملڪ چيو آهي ته پاڪ فوج جو آرمي ميڊيڪل ڪور اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀالي قومي پلان تيار ڪري ته جيئن ڪرونا وائرس تي فوري طور تي ضابطو آڻي سگهجي.

جاري ڪيل بيان ۾ سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان کي فوري طور صلاح ڏئي رهيو آهي ته ڪرونا وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪرونا وائرس لاءِ مختص اسپتالون فوري طور تي آرمي ميڊيڪل ڪور حوالي ڪيون وڃن.

هن چيو ته ڪرونا وائرس جي مريضن جي علاج لاءِ مختص اسپتالن ۾ انتظام تسلي جوڳا نه آهن، وزيراعظم کي حقيقتن جي ابتڙ سڀ ٺيڪ ٻڌايو پيو وڃي، اسپتال ۾ طبي توري انتظامي ڪنٽرول نالي برابر آهي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ذاتي طور ڪرونا وائرس جي وڏي خطري کي ڏسي رهيو آهيان، آرمي ميڊيڪل ڪور ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، جنهن مالاڪنڊ ۽ سوات ۾ طالبان خلاف جنگ ۾ اسان جي مدد ڪئي.

رحمان ملڪ وزيراعظم کي صلاح ڏني ته فوري طور تي ڪرونا وائرس لاءِ مختص اسپتالون آرمي ميڊيڪل ڪور حوالي ڪيون وڃن ته جيئن فوج قومي پلان تيار ڪري ۽ ڪرونا وائرس تي وقت تي ضابطو آڻي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*