وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪرونا وائرس بابت اجلاس

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو پيو وڃي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽيءَ جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ صوبائي وزير، اعليٰ سول توڙي فوجي نمائندا، صحت وارو خاص معاون ڊاڪٽر طفر مرزا، صوبائي وزير ۽ خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ شريڪ آهن.

ذريعن موجب اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرونا وائرس جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعظم کي صوبائي حڪومتن جي قدمن کان به آگاهه ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*