سنڌ ۾ ڪرونا وائرس بي قابو

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 41 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ متاثرن جو انگ وڌي 76 ٿي ويو، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايران مان سکر پهتل زائرين مان 50 ڄڻن کي ڪرونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي، ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس جا 25 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ مريض موجود آهي، هن وقت تائين 2 مريض صحتياب به  ٿي چڪا آهن، نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سموري ملڪ ۾ مجموعي طور ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 94 ٿي ويو.

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 41 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ متاثرن جو انگ وڌي 76 ٿي ويو آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايران مان سکر پهتل زائرين مان 50 ڄڻن کي ڪرونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي، ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس جا 25 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ مريض موجود آهي، هن وقت تائين 2 مريض صحتياب به  ٿي چڪا آهن.

ڪرونا وائرس جا 41 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سموري ملڪ ۾ مجموعي طور ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 94 ٿي ويو.

ايران مان پهچڻ بعد سکر منتقل ڪجهه زائرين آئسوليشن سينٽر ۾ سهولتون نه هجڻ جون شڪايتون به ڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*