ڪرونا وائرس سبب سموري ملڪ ۾ حالتون غيرمعمولي آهن: سعيد غني

تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪرونا وائرس سبب سموري ملڪ ۾ حالتون غير معمولي آهن، وائرس جي روڪٿام لاءِ وفاقي سطح تي گهربل انتظام نظر نٿا اچن، خدا نه ڪري جيڪڏهن  اٽلي ۽ فرانس جهڙي صورتحال پيدا ٿي ته ان تي ضابطو آڻڻ مشڪل هوندو.

ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس جي صدارت بعد پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني  چيو ته اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو ٻارڙن کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ لاءِ ڪيو ويو.

سعيد غني چيو ته ڪرونا وائرس سموري ملڪ ۾ حالتون غير معمولي آهن، وائرس جي روڪٿام لاءِ وفاقي سطح تي گهربل انتظام نظر نٿا اچن.

سعيد غني چيو ته تافتان بارڊر تي انتظام نه هئڻ جوڳا آهن، قرنطينه ته قائم ڪيا ويا آهن پر گهربل انتظام نظر نه پيا اچن، خدا نه ڪري جيڪڏهن  اٽلي ۽ فرانس جهڙي صورتحال پيدا ٿي ته ان تي ضابطو آڻڻ مشڪل ٿي پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*