سجاول ويجهو قيدين کي عدالت ۾ پيشي بعد جيل کڻي ويندڙ پوليس پارٽي تي حملي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي

سجاول ويجهو قيدين کي عدالت ۾ پيشي بعد جيل کڻي ويندڙ پوليس پارٽي تي حملي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 2 قيدي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب قيدين کي ٺٽي جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد بدين جيل نيو پئي ويو ته رستي ۾ سيد پور وٽ حملو ڪيو ويو،جنهن ۾ 2 اهلڪار عظيم ٻگهيو ۽ عثمان هيجب سخت زخمي ٿي پيا،جڏهن ته 2 قيدي غلام حسين شاهه ۽ رمون ماڇي فرار ٿي ويا،پوليس موجب علام حسين شاه ٻيلي ٿاڻي تي قتل ڪيس ۾ گرفتار هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*