ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ڪراچي واقعي تي سڀاڻي سوڳ جو اعلان ڪندي شهرين کي ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکڻ جي اپيل

ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ڪراچي واقعي تي سڀاڻي سوڳ جو اعلان ڪندي شهرين کي ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکڻ جي اپيل ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر ڪراچي واقعي کي حڪومت جي ناڪامي قرار ڏيندي چوڌري نثار کان استعيفا جو مطالبو ڪيو آهي.

ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ڪراچي واقعي جي مذمت ڪندي سڀاڻي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

الطاف حسين شهرين کي سڀاڻي ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر آغا خان اسپتال آڏو ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته دهشتگرد آزادي سان گهمي رهيا آهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رڳو ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن پٺيان آهن.

هن چيوته ڪراچي واقعو حڪومت جي ناڪامي آهي ان ڪري وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار فوري طور استعيفا ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*