ڪرونا وائرس دنيا جي 162 ملڪن تائين پکڙجي 7 هزار کان وڌيڪ حياتيون کسي ورتيون

ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول نه ٿيو،دنيا جي 162 ملڪن تائين پکڙجي ويل ڪرونا وائرس 7 هزار 171 حياتيون کسي ورتيون

 چين جيڪو ڪرونا وائرس کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي،اتي  وڌيڪ 13 حياتيون ضايع ٿيڻ بعد فوتين جو تعداد  وڌي 3 هزار 226 ٿي ويو

 اٽلي ۾ هڪ ڏينهن دوران 349 فوتي ٿي ويا آهن، 2 هزار 158، ايران ۾ 129 شهري فوت ٿيڻ بعد انگ 853، اسپين ۾ 342 ۽ فرانس ۾ 148 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن،پر وائرس سبب ڪوبه نئون شهري فوت نه ٿيو آهي

آمريڪا ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا ڪرونا جو شڪار ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 91 ٿي ويو

 ڏکڻ ڪوريا ۾ به وڌيڪ 5 حياتيون ضايع ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 81 ٿي ويو آهي

 برطانيه ۾ 55، جاپان ۾ 28 ۽ نيڌرلينڊز ۾ 24 ڄڻن دم ڏنو، سوئٽزرلينڊز ۾ 19ڄڻا فوت ٿيڻ بعد هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن

ڪرونا وائرس جي خطري سبب اسپين پنهنجون سرحدون بند ڪري ڇڏيون آهي،جڏهن ته آمريڪا جي 31 رياستن ۾ اسڪول ۽ ريسٽورنٽس بند ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*