تلهار ويجهو معصوم ٻارڙي کي ساهه جي نالي ۾ سوپاري ڦاسي پوڻ سبب فوت ٿي ويو

تلهار ويجهو  4 ورهين جو معصوم ٻارڙو ساهه جي نالي ۾ سوپاري ڦاسي پوڻ سبب فوت ٿي ويو

ڳوٺ ڀنڀو لغاري ۾ چار ورهين جي معصوم راشد علي پٽ اسد علي لغاري کي   ساھ جي نالي ۾ سوپاري ڦاسي پئي، ٻارڙي کي نازڪ حالت ۾ تلهار اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس ڪراچي نيو پيو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو

فوتي ٻارڙي جو 5 ڏينهن اڳ طهر سنت جو ڪاڄ ٿيو هو، فوتي ٻارڙي جي گهر ۾ ماتم مچي ويو، جڏهن ته ماءُ پيءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*