عالمي برادري پاڪستان سميت سمورن غريب ملڪن جو قرض معاف ڪري: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪرونا وائرس سبب پاڪستان سميت سمورن غريب ملڪن جا قرض معاف ڪيا وڃن.

پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قرض معاف ٿيڻ سان ڪرونا وائرس  کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي.

عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪرونا وڌيڪ ڦهليو ته ان کي منهن ڏيڻ  جي صلاحيت ۽ وسيلا موجود ناهن.

هن آمريڪا کان به مطالبو ڪيو ته ايران تان اقتصادي پابنديون هٽايون وڃن.

وزيراعظم چيو ته پابندين هٽائڻ سان ايران کي ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي.

طالبان-آمريڪا ڳالهين جي حوالي سان وزير اعظم جو چوڻ هو ته طالبان جي حوالي سان افغان صدر جو بيان مايوس ڪندڙ آهي، حڪومت ۾ اچڻ بعد آمريڪا سان افعان امن ٺاهه  تي ڪم ڪيو، افغان عمل ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان هاڻ امن لاءِ آمريڪا جو ساٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*