وڏي وزير مراد علي شاهه پاران 10 لک صابڻ خريد ڪري هر يوسي ۾ ورهائڻ جو حڪم

وڏي وزير مراد علي شاهه سکر قرنطينه جي هڪ بلاڪ کي اسپتال ۾ تبديل ڪري ايم ايس، ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف مقرر ڪرڻ ، زائرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن گهر ڀاتين کي راشن پهچائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، مراد علي شاهه 10 لک صابڻ خريد ڪري هر يوسي جي عوام ۾ ورهائڻ ۽ شيون مهانگو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم به ڏنو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سکر قرنطينه جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس دوران وڏي وزير سکر قرنطينه جي هڪ بلاڪ کي اسپتال ۾ تبديل ڪري اتي ايم ايس، ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، آڪسيجن، اسڪريننگ ڪٽس ، مشنيري ۽ ٻيون ضروريون شيون جلد فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو،

وڏي وزير آئسوليشن سينٽر ۾ داخل زائرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن گهر ڀاتين کي هڪ مهيني جو راشن پهچائڻ جو حڪم به ڏنو آهي.

وڏي وزير  مرا دعلي شاهه يوسيز سطح تي 10 لک صابڻ خريد ڪري ورهائڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي.

اجلاس ۾ سکر جيان حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ نوري آباد ۾ به آئسوليشن سينٽرز قائم ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو.

وڏي وزير  ڊي سيز کي کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم به ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*