سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 5 ڪيس ظاهر، وائرس متاثرن جو انگ وڌي 155 ٿي ويو

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا  وڌيڪ 5 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 155 ٿي ويو آهي

سنڌ صحت کاتي موجب ڪرونا وائرس  جا وڌيڪ 5ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد صوبي ۾ متاثرن جو انگ وڌي 155 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي موجب ڪرونا وائرس ۾ مبتلا 5 ڪيس ڪراچي ۾ ظاهر ٿيا آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو  آهي ته تافتان بارڊر کان سڀاڻي وڌيڪ 600 زائرين سکر منتقل ڪيا ويندا.

سنڌ حڪومت موجب قرنطينه ۾ موجود سمورن ماڻھن کي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.

سکر قرنطينه ۾ داخل زائرين جو چوڻ آهي ته کين ڪا به سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي، علاج بدران سندن تذليل ڪئي پئي وڃي، وڏو وزير سندن سار لهي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*