پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل کي ملتوي ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  پاڪستان سپر ليگ فائيو کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي

لاهور ۾ پي سي بي  ۽ فرنچائزز مالڪن  سان صلاح مشوري کانپوءِ  پاڪستان سپر ليگ اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

پي سي بي براڊ ڪاسٽنگ ٽيم کي فيصلي بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.اطلاعن مطابق هڪ فرنچائز پرڏيهي رانديگرن جي وطن واپسي سبب وڌيڪ کيڏڻ نٿي گهريو.

پي سي بي پاران جاري ڪيل بيان مطابق پي ايس ايل 2020 کي ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ رهيل ميچن کي نئين تاريخ تي ڪرايو ويندو.ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيل  جاري ڪيا ويندا.

ان کان اڳ ڪرونا وائرس کي سامهون رکندي  فلائيٽ آپريشن بند هجڻ جي ڊپ کان پي ايس ايل ۾ شامل مختلف پرڏيهي رانديگر ۽ ڪوچ  پنهنجي پنهنجي ملڪ روانا ٿي ويا هئا.پي ايس ايل  فائيو ۾ ميچ ۾  تماشائن جو تعداد به تمام گهڻو مايوس ڪندڙ رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*