سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس متاثر مريضن جو انگ 245 ٿي ويو

سنڌ ۾ ڪرونا ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ ڌڙا ڌڙ وڌڻ لڳو،  وڌيڪ 17 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ ڪرونا سٽيل مريضن جو انگ وڌي 172 ٿي ويو آهي، صحت کاتي موجب سکر  جي ڪورنٽائن سينٽر ۾ ترسيل زائرين مان وڌيڪ 15 ڄڻن ۽ ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻن ڄڻن کي ڪرونا جي تصديق ٿي آهي.

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو آهي، ايران مان پهتل 50 سيڪڙو زائرين ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي.

سنڌ ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 17 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ ڪرونا سٽيل مريضن جو انگ وڌي 172، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ وائرس ۾ مبتلا  ماڻهن جو انگ 245 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي موجب سکر  جي ڪورنٽائن سينٽر ۾ ترسيل زائرين مان وڌيڪ 15 ڄڻن ۽ ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻن ڄڻن کي ڪرونا جي تصديق ٿي آهي.

تافتان بارڊر مان سنڌ واسي 696زائرين اڄ روانا ٿي رهيا آهن، جيڪي سڀاڻي سکر پهچندا، انهن کي به ليبر فليٽس آئسوليشن  سينٽر ۾ منقتل ڪيو ويندو.

ڪراچي جي گلشن حديد ايران مان آيل شخص کي ڪرونا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو، گهرڌڻين جي پوليس کي اطلاع بعد مهمان ٿي آيل همراهه فرار ٿي ويو،پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي فرار ٿيل شخص کي سوگهو ڪري ورتو.

ڪرونا وائرس دنيا جي 165 ملڪن تائين ڦهلجي ويو،فوتين جو تعداد 7 هزار 987 ٿي ويو

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو تعداد  وڌي ڪري 245 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت ميو اسپتال ۾ ڪرونا وائرس  جي مريض جي فوتگي جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

سموري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ڪيل مريضن جي تعداد ۾ لاڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي

سنڌ ۽ پنجاب ۾ نون ڪيسن جي تصديق کانپوءِ سموري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي شڪار متاثرن جو تعداد 245 ٿي ويو آهي

سنڌ ۾ 172 ، پنجاب ۾ 26،بلوچستان ۾ 16، خيبرپختون خوا ۾ 16، اسلام آباد  ۾ چار ۽ گلگت بلتستان  ۾ ٽي ڪيس سامهون آيا آهن

وزيراعظم عمران خان قوم جو حوصلو وڌائيندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس کان گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، قوم جي حيثيت ۾ ان  جو مقابلو ڪري جنگ کٽينداسين.

عمران خان چيو ته يورپ ۽ آمريڪا جيان اسان پنهنجا شهر بند ڪري نٿا سگهون،اسان غريب ملڪ آهيون، ڪرونا کان وڌيڪ ماڻهو بک سبب مري ويندا

رپورٽس مطابق  دنيا ۾ ڪرونا وائرس جو شڪار مريضن جو تعداد هڪ لک 98 هزار 426 ٿي ويو، جڏهن ته 82 هزار 763 شهري صحتياب ٿي گهرن ۾ پهچي ويا آهن.

تازي صورتحال مطابق ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 20 شهري فوت ٿي ويا آهن،چين ۾ 11،ڏکڻ ڪوريا ۾ 3 ۽ آمريڪا ۾ 6 شهري وڌيڪ فوت ٿي ويا آهن.

آمريڪا جي سمورين 50 رياستن ۾ ڪرونا وائرس سبب اڄ کان  31 رياستن ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي ،جڏهن ته  لاڪ ڊائون وارين رياستن ۾ اسڪول ۽ ريسٽورنٽس بند ٿي ويا آهن.

برطانوي وزيراعظم به لاڪ ڊائون جو اعلان  ڪندي ملازمن کي گهرن ۾ ويهي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڪرونا وائرس سبب سوئٽزرلينڊز ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن،ان سان گڏ فرانس پنهنجون سرحدون بند ڪري ڇڏيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*