لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 30 کان وڌيڪ ايران کان زائرين پهچي ويا

ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ باوجود لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ايران کان زائرين جي اچڻ وارو سلسلو جاري آهي، نثار کهڙو جي ڳوٺ ۾ به 30 کان وڌيڪ ايران کان زائرين پهچي ويا آهن، ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود صحت کاتي جي ٽيم توڙي انتظاميا  معاملي کان اڻڄاڻ بڻيل آهي.

ايران ۾ مقدس ماڳ مڪانن جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن جي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپسي وارو سلسلو جاري آهي.

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به ايران کان زائرين جي اچڻ وارو سلسلو جاري آهي، سينيئر صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو جي ڳوٺ عاقل ۾ 30 کان وڌيڪ ايران کان زائرين پهچي ويا آهن.

ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود صحت کاتي جي ٽيم توڙي لاڙڪاڻو انتظاميا معاملي کان بي خبر بڻيل آهي.

ضلعي انتظاميا جي حڪم تي صحت کاتي جي ٽيم طرفان اڃا تائين زائرين جي نه اسڪريننگ ٿي سگهي آهي نه ئي سندن هسٽري معلوم ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾  ڄاڻايل ڳوٺ   اندر  خوف  واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*