ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون اسان جي معيشت تي ناڪاري اثر پوندا: شاهه محمود قريشي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون سان اسان جي معيشت تي ناڪاري اثر پوندا، ماهرن پنجن ڏينهن کانپوءِ ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ جو مشورو ڏنو آهي.

چين کان واپسي تي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪرونا ٽيسٽ ڪرائيندس ۽ پاڻ کي آئسوليشن ۾ رکندس.

هن چيو ته چين وڃڻ جو مقصد يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو،ڪرونا بابت احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته ڪرونا جو مرڪز ووهان کي سمجهو پئي ويو،اتي گذريل ڏينهن هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو.

هن چيو ته  سي پيڪ سان اسان جي معاشي ترقي جڙيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*