سنڌ حڪومت طرفان لاڪ ڊائون هئڻ باوجود تبليغي جماعت جو قافلو پڪا چانگ پهچي ويو

ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان لاڪ ڊائون هئڻ باوجود خيبرپختونخوا مان 50 کان وڌيڪ ماڻهن تي ٻڌل تبليغي جماعت جو قافلو پڪاچانگ پهچي ويو، قافلي ۾افغانستان سميت ٻين ملڪن جا شهري به شامل آهن، علائقي واسين ڄاڻايل ماڻهن کي سکر آئسوليشن وارڊ۾ترسائڻ يا پنهنجن علائقن ڏانهن موڪلڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

سنڌ حڪومت طرفان لاڪ ڊائون واري اعلان کان پوءِ خيبرپختونخوا سميت ڏورانهن علائقن سان لاڳاپيل تبليغي جماعت جي 50 کان مٿي ماڻهن جو قافلو خيرپور ضلعي جي علائقي پڪا چانگ پهچي ويو آهي.

 ذريعن موجب تبليغي جماعت جي قافلي ۾ افغانستان سميت ٻين ملڪن جا شهري به  شامل آهن، جن لاءِ علائقي واسين جو خيال آهي ته هنن ۾ڪرونا وائرس هئڻ جي شڪ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.

ان سلسلي ۾ پڪاچانگ جا شهري دانهن کڻي ٿاڻي تي پهتا پر پوليس ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه آندي، جنهن کان پوءِ شهرين ۾ خوف پيدا ٿي ويو آهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، ان جي باوجود ٻين صوبن توڙي پرڏيهه مان بنا اسڪريننگ جي ماڻهو پهچڻ سان صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.

  خوف ۾ ورتل شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل ماڻهن کي پڪا چانگ ۾ ترسائڻ بدران سکر آئسوليشن وارڊ منتقل ڪيو وڃي يا کين پنهنجن علائقن ڏانهن  موڪليو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*