سنڌ حڪومت ڪراچي واقعي تي سڀاڻي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي ، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه

سنڌ حڪومت ڪراچي واقعي تي سڀاڻي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي ، وڏي وزير ڪراچي ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪندي چيوآهي ته  واقعو سوچيل سمجهيل سازش  آهي ۽ ان ۾ ملو ث دهستگردن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ پيش آيل واقعي کان اڳ شهر ۾ امن هو ۽ اهو واقعو امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي سازش آهي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل آپريشن ڪري رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت امن امان تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي.

وڏي وزير ڪراچي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي آ۾ آندو ويندو.

هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻن مهينن دوارن ڀنگ لاءِ اغوا جو ڪوبه واقعو پيش نه آيو آهي.

سنڌ حڪومت ڪراچي واقعي تي سڀاڻي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي،جڏهن ته وڏي وزير ڪراچي ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ کيس واقعي بابت رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

وڏو وزير اسلام آباد  ۾ رٿيل اجلاس ۾ شرڪت بدران ڪراچي لاءِ روانو ٿيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*