اتحاد ۽ يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته اتحاد ۽ يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آهي،سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪيو وڃي،اپوزيشن  ڪرونا جي چيلينجز ۾ قومي ڪاوشن کي هٿي وٺرائي.

فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڪرونا قومي مسئلو آهي،متحد ٿي ڪري ان وائرس کي مات ڏيڻي آهي.

هن چيو ته احسن اقبال صاحب ڪاش توهان انهن جي خلاف آواز اٿاريو،جن عوام جا کيسا ڪٽيا.

خاص معاون چيو ته اوورسيز پاڪستانين کي وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي اعتماد آهي،جيڪڏهن توهان کي عوام جو ڏک ۽ احساس هجي ها ته آزمائش جي هن گهڙي ۾ توهان جي قيادت  ديس واسين سان گڏ بيٺل هجي ها.

هن مخالف ڌر تي زور ڀريو ته فارين فنڊنگ ڪيس  جي واويلا  مچائڻ بدران فارين اڪائونٽس رکندڙن کي پاڪستان آڻيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*