ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ سرڪار جي حڪمن تي عمل شروع ٿي ويو

سنڌ ۾ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ سرڪار جي حڪمن تي عمل شروع ٿي ويو، صوبي جا سمورا شاپنگ سينٽرز، هوٽلز ۽ تفريحي ماڳ ٻن هفتن لاءِ بند ڪيا ويا آهن، سڀاڻي کان سرڪاري آفيسون بند ٿينديون ۽  انٽرا بس سروس به بند ڪئي ويندي،جڏهن ته سبزي، گوشت، سيڌي سامان سميت سمورين عام واهپي جي شين جا دڪان کليل آهن.

سنڌ حڪومت جي ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ بازارون، شاپنگ مالز،  هوٽل ۽ تفريحي ماڳ بند ڪرڻ واري حڪم تي عمل شروع ٿي ويو آهي.

سنڌ سرڪار جي حڪمن تحت ڪراچي سميت سموري صوبي ۾ بازارون، ريسٽورنٽ، شاپنگ مالز  ۽ تفريحي ماڳ بند ڪيا ويا آهن.

سڀاڻي کان سنڌ ۾ سرڪاري آفيسون بند ٿينديون ۽  انٽرا بس سروس به بند ڪئي ويندي.

صوبي ۾ سبزي گوشت، مرغي جو گوشت ۽ ڪرياني جا دڪان، ريڙها عام واهپي جي شين جا دڪان کليل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*