ڪرونا وائرس دنيا جي 180 ملڪن تائين پکڙجي ويو

ڪرونا وائرس دنيا جي 180 ملڪن تائين پکڙجي ويو،فوتين جو تعداد 10 هزارن کان وڌي ويو،اٽلي ،چين کان به اڳتي نڪري ويو ،وڌيڪ 427 شهري زندگيون وڃائي ويٺا،انگ3هزار405 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس دنيا جي 180 ملڪن تائين پکڙجڻ کانپوءِ  متاثرن جو تعداد ٻه  لک 45 هزار 670 ٿي ويو.

تازن انگن اکرن مطابق فوتين جو تعداد 10 هزار 49 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 88 هزار 441 مريض صحتياب ٿي ويا آهن.

چين ۾ هيل تائين ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ ٽن شهرين جي فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ 3 هزار 248 ٿي ويو.

 ايران ۾  فوتين جو تعداد 1284 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن ۾ 18 هزار 407 شهري شامل آهن.

تازن انگن اکرن مطابق  اسپين ۾ 831، جرمني ۾ 44،آمريڪا ۾ 217، فرانس ۾ 372 ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ 84 شهري فوت ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*