ڪرونا وائرس وگهي سنڌ ۾ پهرين فوتگي

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس وگهي پهريون ماڻهو فوت ٿي ويو ، ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا 77 ورهين جو شهري آئسوليشن وارڊ ۾ فوت ٿي ويوآهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪرونا وگهي فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي، صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيڇوهو مريض جي ڪرونا وگهي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مريض ڪينسر سميت مختلف مرضن ۾ مبتلا هو، جنهن ڪري ڪرونا وائرس جو شڪار ٿيو.

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس پهريون شڪار ڪري ورتو ، آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪرونا وائرس ۾ مبتلا 77 ورهين جو شخص  زندگي جي جنگ هارائي ويو .

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا شخص جي فوت ٿيڻ بعد پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي، ان کان اڳ ڪي پي ۾ به ڪرونا وائرس وگهي 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو  سنڌ ۾ ڪرونا وگهي پهرين فوتگي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته فوت ٿيل شخص ڪينسر  ۽ بلڊ پريشر سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا هو، جنهن ڪري هو ڪرونا جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو آهي.

صحت واري وزير عوام کي وڏي ڄمار وارن ماڻهن جي صحت جو خيال رکڻ ۽ سندن ويجهو نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ ۾ هن وقت ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 238 ۽ سڄي ملڪ ۾ وائرس متاثر ماڻهن جو انگ 458 تي پهچي ويو آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*