سنڌ حڪومت عوام کي 14 ڏينهن لاءِ سماجي رابطا ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

سنڌ حڪومت عوام کي 14 ڏينهن لاءِ سماجي رابطا ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي ، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هر شهري پاڻ کي آئسوليشن ۾ رکي پنهنجي ڪٽنب ۽ عوام کي وبا کان محفوظ بڻائي سگهي ٿو،پرڏيهه مان پهتل هڪ شخص جي لاپرواهي سبب سندس سڄو ڪٽنب ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو، عوام جي سهڪار کانسواءِ حڪومت اڪيلي سر ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته، جيڪڏهن ڪرونا وائرس کان بچڻو آهي ته هر شهري پاڻ کي 14 ڏينهن لاءِ آئسوليشن رکي، ٻي صورت ۾ وڏي نقصان جو خدشو آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪرونا وائرس ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، 14 ڏينهن لاءِ آئسوليشن ۾ رهڻ سان پنهنجي ڪٽنب ۽ عوام کي بچائي سگهجي ٿو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته پرڏيهه مان آيل هڪ شخص جي لاپرواهي سبب سندس سمورو ڪٽنب ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو ، حڪومت اڪيلي سر ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي، عوام کي به سهڪا رڪرڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*