سنڌ ۾ ڪرونا وائرس بي قابو، وڌيڪ 15 ڪيس ظاهر

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ ٿيندي پئي وڃي، سکر قرنطينه سينٽر ۾ وڌيڪ 15 ڄڻن کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ وائرس  ۾ مبتلا ماڻهن جو انگو ڌي 267  ٿي ويو آهي.

 سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 15 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، قرنطينه سينٽر سکر ۾ وڌيڪ 15 ڄڻن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ267 ٿي ويو آهي.

ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا  ماڻهن جو انگ101  ۽ سکر قرنطينه سينٽر  ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 166 آهي.

ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ڪرونا وائرس ۾ مبتلا 77 ورهين جو شخص زندگي جي جنگ هارائي ويو هو ، جڏهن ته وائرس ۾ ورتل 97 مريض علاج هيٺ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*